اي شاهه شڪارپوري

اي شاهه شڪارپوري : مشهور مزاحيه فلمي اداڪار شڪارپوري اي شاهه جو جنم 1906ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن 300 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ڪيترن ئي اردو فلمن لاءِ گيت ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيائين. سندس تخلص ‘عاجز’ هو. هن جي مشهور اردو فلمن ۾ ‘نوڪر’، ‘انتخاب’، ‘آبرو’، ‘چاچا خواهه مخواهه’، ‘نائله’، ‘بابل داويئٽر’، ‘موج ميله’، ‘سوڪن’ وغيره شامل آهن. اي شاهه شڪارپوري 21 ڊسمبر 1991ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه مياڻي صاحب قبرستان لاهور ۾ آهي.


لفظ اي شاهه شڪارپوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1991.12.21  عيسوي

مشهور مزاحيه فلمي اداڪار اي شاهه شڪارپوري 21 ڊسمبر 1991ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبداللطيف بنگلزئي حاجي
اثر سنڌي
طارق بن زياد
سيف الله ميربحر
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي
دريانو مل
ڌرمپال اگروال
شاهه محمد صوفي
غلام نبي سمو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون